ڊاڪٽر اسحاق ابڙو

ڊاڪٽر اسحاق ابڙو

اسحاق ابڙو ڊاڪٽر

اسحاق ابڙو، ڊاڪٽر: مشھور تعليمي ماهر پروفيسر ڊاڪٽر محمد اسحاق ولد عبدالحڪيم ابڙو 8 فيبروري 1935ع تي ڳوٺ امام بخش ٿيٻي، تعلقي ميھڙ ضلعي دادوءَ ۾ ڄائو. ابتدائي تعليم ميھڙ، حيدرآباد ۽ ٽنڊي محمد خان ۾ حاصل ڪئي. 1961ع ۽ 1964ع ۾ سنڌ يونيورسٽيءَ مان فارسي ۽ اسلامي تاريخ ۾ ايم. اي جون ڊگريون حاصل ڪيون. 1965ع ۽ 1966ع ۾ بي. ٽي ۽ ايم. ايڊ ڪرڻ کان پوءِ 1968ع ۾ گورنمينٽ ڪاليج نواب شاهه ۾ فارسيءَ جو ليڪچرر مقرر ٿيو. 1976ع ۾ اسڪالرشپ تي تھران يونيورسٽيءَ مان جديد فارسيءَ ۾ ڊپلوما ڪيو. جنھن ۾ کيس”عالي“ گريڊ ڏنو ويو. 1986ع ۾ سنڌ يونيورسٽيءَ مان فارسيءَ ۾ پي ايڇ. ڊي جي ڊگري حاصل ڪئي. ڊاڪٽريٽ جي مقالي ۾ شاهه عنايت شھيد جي فڪري پوئلڳ ۽ روهڙيءَ جي مير جان الله شاهه رضويءَ جي فارسي ڪلام ”ديوان مير“ جي مھتممي ڪري، ان تي انگريزيءَ ۾ مقالو”Editing and Exegesis of Diwan Sayyed Janollah Rizwi of Lohri (Rohri)“ لکيو. جيڪو ”ديوانِ مير“ سکر هسٽاريڪل سوسائٽيءَ پاران 2003ع ۾ شايع ٿيو. ڊاڪٽر ابڙي ميونسپل هاءِ اسڪول ٽنڊي محمد خان مان ٻه ڀيرا ”الڪريم“ جي نالي سان مخزن جاري ڪري ان جو چيف ايڊيٽر ٿي رهيو. آگسٽ 1988ع ۾ حيدرآباد ريجن جي ڊپٽي ڊائريڪٽر ايڊمنسٽريشن هئڻ وقت، ڊائريڪٽوريٽ طرفان سيرت پاڪ تي ڇپايل رسالي ”مشعلِ راهه“جي انگريزي ڀاڱي جو ايڊيٽر رهيو. 1990ع ۾ پاڪستان ڪاليج مسقط جو پرنسپال هو ته هن ”اقرا“ جي نالي سان مخزن جاري ڪري پاڻ اُن جو چيف ايڊيٽر ٿي رهيو. هن سنڌي توڙي انگريزيءَ ۾ ڪيترائي مضمون لکيا، جيڪي ٽماهي ’مھراڻ‘ ۽ ٻين ڪيترن رسالن ۽ ڪاليج مخزنن ۾ ڇپجي چڪا آهن. هن امام غزالي رحه جي ڪتاب ”ايھا الولد“ جي فارسي متن جو سنڌيءَ ۾ ترجمو ڪيو، جيڪو غزالي اڪيڊميءَ طرفان چار ڀيرا ڇپجي چڪو آهي. ساڳئي ڪتاب جو اردو ترجمو پڻ مدينه پبليڪيشن ڪراچيءَ طرفان سال 1987ع ۾ شايع ڪيو ويو. ان کان سواءِ سنڌي ادبي بورڊ ڄامشوري طرفان افلاطون جي جڳ مشھور ڪتاب ”Republic“ جو سنڌيءَ ۾ ڪيل سندس ترجمو 1990ع ۾ ”رعيتي راڄ“ جي نالي سان ڇپجي پڌرو ٿيو. ان کان سواءِ هڪ ڪتاب ”ٻاجهارا ٻول“ به شايع ٿيل اٿس. 1990ع ۾ ڊاڪٽر ابڙي انگريزيءَ ۾ هڪ ڪتاب “In search of Allah” لکيو، جيڪو اردو اڪيڊمي، ڪراچيءَ طرفان سال 1995ع ۾ شايع ڪيو ويو. 1973ع ۾ گورنمينٽ ڪاليج سعيدپور ضلعي بدين جو باني پرنسپال مقرر ٿيو. اپريل 1975ع ڌاري سنڌ ٽيڪسٽ بوڪ بورڊ جو سيڪريٽري مقرر ٿيو، جتي 11 ورهين تائين ڪم ڪرڻ دؤران 3 دفعا چيئرمئن به رهيو. ابڙو صاحب 1985ع ۾ جڏهن سنڌ ٽيڪسٽ بوڪ بورڊ جو چيئرمئن هو ۽ ان سال ڪاميٽي آف چيئرمئن ٽيڪسٽ بوڪ بورڊس آف پاڪستان جي چيئرمئن شپ به سنڌ کي ملڻي هئي؛ انهيءَ حيثيت ۾ ڊاڪٽر ابڙو انٽر بورڊ ڪاميٽي آف چيئرمئن جو ميمبر رهيو. 1985ع ۾ ڊاڪٽر صاحب گورنمينٽ ڪاليج ڪوٽڙيءَ جو پرنسپال مقرر ٿيو. مارچ 1989ع کان مارچ 1992ع تائين پاڪستان ڪاليج مسقط (سلطنت عمان) جو پرنسپال ٿي رهيو. ٽن سالن جي ڪانٽريڪٽ بعد کيس ٻيھر گورنمينٽ ڪاليج ڪوٽڙيءَ جو پرنسپال مقرر ڪيو ويو. رٽائرمينٽ کان ٻه سال پوءِ سنڌ حڪومت سال 1997ع ۾ کيس پبلڪ اسڪول حيدرآباد جو پرنسپال مقرر ڪيو. ابڙي صاحب 31 آگسٽ 1998ع تي گرلس پبلڪ اسڪول جو بنياد رکيو ۽ پبلڪ اسڪول حيدرآباد مان مخزن ”اقرا“ ٻيھر جاري ڪيو. 31 مئي 2007ع تي وفات ڪئي.


هن صفحي کي شيئر ڪريو

داخلا ۾ استعمال ٿيل تاريخون

1935.02.08  عيسوي

پروفيسر ڊاڪٽر محمد اسحاق ولد عبدالحڪيم ابڙو 8 فيبروري 1935ع تي ڳوٺ امام بخش ٿيٻي ، تعلقي ميهڙ ضلعي دادوءَ ۾ ڄائو .


2007.05.27  عيسوي

ڊاڪٽر محمد اسحاق 31 مئي 2007ع تي وفات ڪئي.



شخصيتون - ڀاڱي جون ٻِيون داخلائون

زبيده گهانگهرو
پنهل خان چانڊيو
چانڊيو نواب غيبي خان
ابراهيم بن اڌم بلخي
امير علي شاهه ڄاموٽ
عبدالقادر انڍڙ
پيرل پرديسي سيتائي
فاروق ستار
آچاريه ڀڳوان ديو
باقر سنائي
شخصيتون ڀاڱي جا وڌيڪ مضمون